سچل سرمست 2

سچل سرمست 2

سچل سرمست 2

سچل سرمست (ڪتاب): سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ واري هڪ رٿا هيٺ ’سنڌ جا سپوت‘ سلسلي جي هن ٻئي ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1990ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ليکڪ اسلم سنديلو آهي. ڪتاب ۾ ٻارن جي معلومات لاءِ سنڌ جي نامياري صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي زندگيءَ ۽ ڪلام کي مختصر ۽ جامع انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست متعلق معلومات کانسواءِ سچل سائينءَ جي ڪلام جو تجزيو ۽ اهم ڳالهين جو بيان پڻ شامل آهي.
ڪتاب جو پيش لفظ مهتاب اڪبر راشديءَ جو لکيل آهي. رنگين ٽائٽل، ڪچي جلد سان هي ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ آهي. هن ڪتاب جا 47 صفحا آهن ۽ قيمت صرف 10 روپيا آهي. ڪتاب جي ٻولي نهايت سليس، وڻندڙ ۽ عام فهم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو